SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


نازڪ لنگهه


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


نازڪ لنگهه

Choke Points

چوڪ پوائنٽس

فوجي حوالي سان اُهي سوڙها لنگهه جن ۾ لڪ، ماٿريون، پُلون ۽ ٻيا پيچرا اچي وڃن ، تن کي”نازڪ لنگهه“سڏيو وڃي ٿو. اُتان لنگهندي فوجن مٿان اوچتن حملن جو انديشو رهي ٿو. انهن لنگهن تي قبضو ڪري ڪا به ننڍي تنظيم يا هٿيار بند ٽولو ڪنهن وڏي فوج کي نه رڳو بيزار پر وڏو نقصان به رسائي سگهي ٿو. جاگرافيائي حوالي سان هي بين الاقوامي سامونڊي لنگهن ۽ اپٻيٽن لاءِ استعمال ٿيندڙ اصطلاح آهي، جنهن جو مقصد دُنيا جي سامونڊي لنگهن ۽ گذرگاهن کي پُرامن مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ آهي. ڪنهن هڪ مُلڪ طرفان انهن لنگهن تي ڪنٽرول ٿيڻ سان مُعاشي يا واپاري چرپر ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي. گڏيل قومن جي اداري 1958ع ۾ هڪ ڪنوينشن گهرائي ”آن دي لا آف سي“ (سمنڊ جي قانون بابت ) جي سري سان هڪ قانون پاس ڪري 116 مخصوص بين الاقوامي ڳچي سمنڊن (Straits) کي سرڪاري طرح حساس لنگهه تسليم ڪيو


Remember Me Also:

صراط

ث. ع. رستو ، راهه ، گس. اهل اسلام جي عقيدي موجب دوزخ ۽ بهشت جي وچ ۾ وار کان سنهي ۽ تلوار کان تکي هڪ پُل جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal